حاجي مصري لنڊ

حاجي مصري لُنڊ: حاجي مصري لُنڊ ويٺل ’گهر پنهنجا‘ لڳ نونر تعلقي دادوءَ ۾ سال 1890ع ڌاري ڄائو. ننڍپڻ کان نڙ سکيو. نڙ تي لالي ۽ لالئي جي ڳالهه کڻندو هو. جڏهن نڙ وڄائڻ سان گڏ لالي ۽ لالئيءَ جي ڳالهه کڻندو هو ته ڪچهري تي وجد طاري ٿي ويندو هو. لالي ۽ لالئيءَ جي ڳالهه ست راتيون هلندي هئي ۽ اوطاق تي روزانو ڳالهه ٻڌڻ لاءِ شائقين جا ميلا متل هوندا هئا. حاجي مصري لُنڊ سال 1964ع ڌاري فوت ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو